وزيراعظم خلاف بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ ايجنڊا ۾ شامل,ميمبرن جي آمد جو سلسلو جاري

0
88

وزيراعظم عمران خان خلاف بي اعتمادي رٿ بابت قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ ساڍي ياررهين وڳي شروع ٿيندو،، جڏهن ته سڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪيا ويا آهن.اپوزيشن ليڊر شهباز شريف پاران پيش ڪيل ٺهراءُ تي ووٽنگ اڄ ٿيندي.بي اعتمادي رٿ تي ووٽنگ لاءِ پارليامينٽ ميمبرن جي آمد جو سلسلو جاري آهي.ووٽنگ کان اڳ اسپيڪر جي حڪم تي 5 منٽن تائين گهنٽيون وڄايون وينديون.پارليامينٽ لاجز جي مک دروازي تي رينجرز کي مقرر ڪيو ويو آهي، ريڊ زون ڏانهن ويندڙ رستن کي ڪنٽينر لڳائي بند ڪيو ويو.اڄ ريڊ زون ۾ رڳو پارليامينٽيرينز کي داخل ٿيڻ جي اجازت هوندي، ڊي چوڪ، نادرا چوڪ ۽ ٻين رستن کي ڪنٽينر لڳائي سيل ڪيو ويو.قومي اسيمبلي جي ڀرپاسي 8 هزار اهلڪار ڊيوٽي تي مقرر ڪيا ويا، پنجاب پوليس کان 3 هزار ۽ ايف سي کان وڌيڪ هڪ هزار اهلڪار پڻ طلب ڪيا ويا، ريڊ زون ۾ داخلا لاءِ رڳو مارگلا روڊ استعمال ڪري سگهيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here