ٻوڏ سبب تباه ٿيل انفراسٽڪچر جي بحالي لاءِ 4 سئو 14 ارب 60 ڪروڙ رپين جي منصوبن جي منظوري

0
113

ناڻي واري وفاقي وزير اسحاق ڊار جي صدارت هيٺ قومي اقتصادي ڪائونسل جي ايگزيٽو ڪميٽي ( ايڪنڪ) جو اجلاس ٿيو

اجلاس ۾ ٻوڏ دوران تباه ٿيل انفرا اسٽڪچر جي بحالي لاءِ 4 سئو 14 ارب 60 ڪروڙ رپين جي ماليتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي

جاري ڪيل پڌرائي موجب انفراسٽڪچر جي بحالي چئني صوبن جي ضلعن لاءِ آهي، منصوبي ۾ روڊن ۽ پلن جي ٻيهر تعميراتي ڪم کي اهميت ڏني وئي

اجلاس ۾ آزاد ڪشمير ۾  ترقياتي منصوبن جي منظوري ڏني وئي

ناڻي کاتي پاران پارن جاري ڪيل پڌرائي موجب ايڪنڪ ٻوڏ متاثر  علائقن جي ٻيهر تعمير ۽ بحالي لاءِ منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي

 اهم منصوبن ۾ مورو کان راڻيپور اين فائيو شاهراه جي ٻيهر تعمر۽ ايشيائي ترقياتي بينڪ (اي ڊي پي)  فلڊ ايمرجنسي لون تحت 32 تباه ٿيل پلون به تعمير ڪيون وينديون

هن منصوبي تي 36 ارب رپين جي لاڳت آهي جنهن ۾ اي ڊي پي 32 ڏهائي 5 ارب ۽ حڪومت 3 ڏهائي 6 ارب رپيا خرچ ڪندي

ايڪنڪ 48 ارب 32 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان سنڌ فلڊ ايمرجنسي بحالي جي منصوبن جي منطوري ڏني

ناڻي کاتي موجب آبپاشي  کاتي جي هن منصوبي لاءِ عالمي بينڪ فنڊ فراهم ڪندي

اجلاس دوران سنڌ ۾ 66 ارب رپين جي لاڳت سان انفرا اسٽڪچر جي تعمير، خيبر پختونخواه ۾ ٻوڏ کان بچاءُ لاءِ 15 ارب رپين جو منصوبو منطور ڪيو ويو

بلوچستان ۾ ٻيهر تعمير ۽ بحالي لاءِ ساڍا 12 ارب رپين جي لاڳت سان منصوبن جي منظوري ڏني وئي جڏهن ته سنڌ جي 23 ضلعن ۾ زرعي ٽرانسفارميشن تي 70 ارب 44 ڪروڙ خرچ ڪيا ويندا

ايڪنڪ پاران 3 ارب 82 ڪروڙ رپين جي لاڳت سان فارم واٽر مينيجمينٽ منصوبي جي منظوري ڏئي ڇڏي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here