قومي اسيمبلي جي 8 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊن کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري

0
85

قومي اسيمبلي جي 8 تڪن ۽ صوبائي اسيمبلي جي ٽن سيٽن تي ضمني چونڊن کانپوءِ نتيجا اچڻ جو سلسلو جاري، غير سرڪاري نتيجن موجب، ملتان مان قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 157 جي سيٽ تي پيپلز پارٽي ڪامياب، يوسف رضا گيلاني جي پُٽ علي موسيٰ گيلاني، شاهه محمود قريشي جي ڌيءَ مهر بانو قريشي کي وڏي مارجن سان شڪست ڏئي ڇڏي، علي موسيٰ گيلاني 79 هزار 743 کڻي ڪامياب، مهر بانو قريشي 59 هزار 993 ووٽ حاصل ڪري سگهي، ملير ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 237 تي پيپلز پارٽي جي اميدوار عبدالحڪيم بلوچ کي سرسي، چارسده ۾ عمران خان ۽ ايمل ولي خان ۾ مقابلو، فيصل آباد واري تڪ تي عمران خان جي مقابلي ۾ عابد شير علي پوئتي، پشاور واري تڪ تي پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان، اي اين پي اميدوار غلام احمد بلور کي پوئتي ڇڏي ويو، مردان ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ تي عمران خان اڳتي، ڪورنگي واري تڪ تي ٽرن آئوٽ نه هئڻ جي برابر رهيو، عمران خان کي ڪورنگي مان قومي اسيمبلي جي تڪ تي سرسي حاصل، ايم ڪيو ايم کي خاص موٽ نه ملي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here