خيبرپختونخواهه جي گورنر حاجي غلام علي صوبي ۾ چونڊن لاءِ 28مئي جي تاريخ ڏئي ڇڏي

0
51

گورنر هائوس ڪي پي طرفان جاري ڪيل پڌرائي موجب، گورنر اليڪشن ڪميشن کي چونڊن لاءِ 28 مئي جي تاريخ ڏني آهي

ان کان پهرين ڪي پي ڪي جي گورنر حاجي غلام علي صدر مملڪت عارف علوي سان ملاقات ڪئي هئي، جنهن ۾ صدر مملڪت کائنس پڇا ڪئي ته گورنر صاحب چونڊن جي ڪهڙي تاريخ مقرر ڪئي اٿَو؟ جنهن تي حاجي غلام علي چيو ته صوبي ۾ امن امان جي صورتحال تسلي بخش ناهي، اليڪشن ڪميشن هن وقت چونڊن جي تاريخ بابت اجلاس ڪري رهي آهي، سپريم ڪورٽ جي فيصلي تي عملدرآمد ڪيو ويندو

واضح رهي ته سپريم ڪورٽ پنجاب ۾ صدر ۽ ڪي پي ۾ گورنر کي حڪم ڏنو هو ته ٻنهي صوبن ۾ 90 ڏينهن اندر چونڊن جي تاريخ ڏني وڃي، جنهن کانپوءِ صدر عارف علوي پنجاب ۾ چونڊن لاءِ 30 اپريل جي تاريخ ڏني هئي، جڏهن ته ڪي پي جي گورنر صوبي ۾ چونڊن لاءِ اڄ 28 مئي جي تاريخ ڏني آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here