آمريڪا ۾ هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ،5ڄڻا مارجي ويا

0
135

هم جنس پرستن جي ڪلب ۾ فائرنگ سبب 5 ڄڻا مارجي ويا، فائرنگ ۾ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن

فرانسيسي خابرو ايجنسي موجب آمريڪي شهر ڪولوراڊو ۾ LGBTQ جي نائٽ ڪلب ۾ فائرنگ جي واقعي ۾ گھٽ ۾ گھٽ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 زخمي ٿي پيا

پوليس ترجمان پاميلا ڪاسترو موجب فائرنگ جو واقعو ڇنڇر ۽ آچر جي وچ واري رات پيش آيو جنهن ۾ 5 ڄڻا مارجي ويا ۽ 18 ڄڻا زخمي ٿي پيا، پوليس واقعي واري هنڌان هڪ شڪي ماڻهو کي زخمي حالت ۾ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

واقعي جي وقت ڪلب ۾ هڪ ڊانس پارٽي جاري هئي ۽ ڪلب آچر 20 نومبر جي شام تي ٽرانس جينڊر ڊي آف ريميمبرنس جي سلسلي ۾ هڪ پرفارمنس ايونٽ جو اهتمام ڪري رهيو هو

حملي جو نشانو بڻجندڙ ڪلب جي فيس بڪ پيڪج تي هڪ بيان ۾ چيو ويو آهي ته بهادر صارفين جي فوري رد عمل جي مهرباني جن بندوق بردار کي جهڪائي وڌو ۽ ان نفرت ڀري حملي کي ختم ڪيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here