حڪومت گهٽ آمدني وارن لاءِ پيٽرول تي سبسڊي بابت ڪا به مشاورت ناهي ڪئي: عالمي مالياتي ادارو

0
26
8 / 100

بلوم برگ موجب پاڪستان ۾ آءِ ايم ايف جي نمائندي ايسٽر پريز ٻڌايو ته پاڪستان جي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن جي حوالي سان موٽر سائيڪل ۽ گاڏين وارن بابت اسڪيم تي عالمي مالياتي فنڊ کان ڪوبه مشورو يا رابطو ناهي ڪيو

ايسٽر پريز چيو ته آءِ ايم ايف اسٽاف ان حوالي سان تفصيل چاهي ٿو جنهن ۾ هن اسڪيم جا ٽرمز اينڊ ڪنڊيشن، لاڳت، ٽارگيٽنگ، اسڪيم جو غلط استعمال ۽ ٻين قدمن بابت حڪومت سان انتهائي محتاط ٿي ڳالهيون ڪيون وڃن ياد رهي ته حڪومت پيٽرول جي وڌندڙ قيمتن ۽ مهانگائي کي نظر ۾ رکندي 800 سي سي کان گهٽ گاڏين وارن جي لاءِ پيٽرول بابت اسڪيم آڻڻ جو اعلان ڪيو آهي جنهن تحت موٽر سائيڪل وارن کي پيٽرول تي 100 روپين جي سبسڊي ڏني ويندي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here