بي اعتمادي رٿ لاءِ اتحادين کانسواءِ به وٽن انگ پورا آهن:پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو

0
88

خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته عمران خان اڪثريت وڃائي چڪو آهي ۽ غير جمهوري ماڻهو کي جمهوري هٿيار استعمال ڪري چيلينج ڪري رهيو آهي.هن چيو ته سند ٽارگيٽ ۽ مصد وزيراعظم آهي، ڪنهن جي سامهون ڪو به مطالبو نه رکيو آهي، هو چونڊ سڌارن کانپوءِ صاف ۽ شفاف چونڊون ڪرائڻ چاهن ٿا، نئين حڪومت جو مينڊيٽ به رڳو چونڊ سڌارن جو هوندو.پ پ چيئرمين چيو ته اسان اسپيڪر، صدر ۽ چيئرمين سينيٽ وغيره جي سيٽن جي ڳالهه ناهي ڪئي، هو سمجهن ٿا ته اڪثريتي پارٽي وٽ وزيراعظم هجڻ گهرجي، جيڪو مينڊيٽ ڏيندا، اهو صرف چونڊ سڌارن لاءِ هوندو.بلاول ڀٽو چيو ته عمران خان سياسي شهيد ٿيڻ چاهي ٿو، ڇاڪاڻ ته کيس جمهوري طريقي سان شڪست ملي چڪي آهي، هو رڳو اهو چون ٿا ته عمران خان ايوان ۾ 172 سيٽون مڪمل ڪري.پ پ چيئرمين چيو ته پي ڊي ايم ٺاهڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون ويو ۽ يوسف رضا گيلاني کي چونڊرائي ثابت ڪري ڏيکاريو ته هو مضبوط آهن.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here