وفاقي سرڪار پاران  پنجاب ۾ رينجرز۽ ايف سي مقرر ڪرڻ جو فيصلو

0
89

وفاق پنجاب صوبي ۾ رينجرز ۽ ايف سي مقرر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي

وفاقي قانون لاڳو ڪندڙ اداري صوبي ۾ آئين ۽ قانونن جي علمداري بابت معاملا سرانجام ڏيندا.

گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيف سيڪريٽري، آءِ جي پنجاب کي پنهنجا فرض آئين ۽ قانون موجب ادا ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

هن چيو ته ڪو به سرڪاري آفيسر يا اهلڪار آئين جي ابتڙ ڪنهن به عمل جو حصو نه هوندو

ٻئي پاسي گهرو وزارت پاران رينجرز پنجاب کي خط لکيو ويو آهي جنهن ۾چيو ويو آهي ته رينجرز کي گورنر هائسو جي حفاظت لاءِ مقرر ڪيو ويندو

گهرو وزارت حڪم جاري ڪيو آهي ته رينجرز کي گورنر هائوس جي سيڪيورٽي لاءِ فوري طور تي حڪم جاري ڪيو ويندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here