برطانيه ۾ حاصل ڪيل خيرات جي رقم پي ٽي آءِ کي ملڻ جو انڪشاف

0
87

برطانيه ۾ حاصل ڪيل خيرات جي رقم پي ٽي آءِ کي ملڻ جو انڪشاف، برطانوي اخبار فنانشل ٽائيمز جي ڇرڪائيندڙ رپورٽ پي ٽي آءِ جي فنڊز جي رازن تي پردو کڻي ڇڏيو، رپورٽ موجب، اليڪشن ڪميشن جي اسڪروٽني ڪميٽي فنڊنگ جي تصديق ڪري چڪي، پي ٽي آءِ تي فنڊز کي گهٽ رپورٽ ڪرڻ ۽ ڪيترائي اڪائونٽ لڪائڻ جا الزام آهن، برطانوي اخبار موجب عمران خان تصديق ڪئي ته طارق شفيع پي ٽي آءِ کي چندو ڏنو، عمران خان موجب، طارق شفيع کي جواب ڏيڻو آهي ته هن اها رقم ڪٿان حاصل ڪئي؟ ابو ظهبي جي شاهي خاندان جي وزير ۽ بينڪ الفلاح جو چيئرمين شيخ النهيان به پي ٽي آءِ کي پئسا ڏنا، ابراج ايگزيڪيٽو عارف نقوي کي اي ميل ڪري ٻڌايو ته شيخ جا پيسا اچي ويا آهن، جيڪا رقم لاهور ۾ انصاف ٽرسٽ جي اڪائونٽ ۾ موڪلڻ جي تجويز ڏني وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here