عمران خان جي ڪوشش ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي سازش لڳي ٿي: اڳوڻي صدر آصف علي زرداري

0
118

اڳوڻي صدر آصف علي زرداري، پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي قومي ادارن خلاف نفرت انگيز مهم جي سخت مذمت ڪري ڇڏي، آصف علي زرداري مهم کي احتساب کان بچڻ لاءِ ڪوشش قرار ڏئي ڇڏيو.آصف علي زرداري چيو آهي ته عمران خان هاڻي قومي ادارن تي حملي آور ٿي رهيو آهي، ان عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو.هن چيو ته اقتدار مان بي دخلي بعد عمران خان ذهني توازن وڃائي ويٺو آهي، نفرت انگيز مهم احتساب کان بچڻ جي هڪ ڪريل ڪوشش آهي.آصف علي زرداري چيو ته اقتدار جي لالچ ۾ عمران نيازي سموريون حدون پار ڪري رهيو آهي، عمران خان جي ڪوشش ملڪ کي هڪ ڀيرو ٻيهر ٻه ٽڪرا ڪرڻ جي سازش لڳي ٿي،قومي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي ٽرينڊ هلايا پيا وڃن.اڳوڻي صدر چيو ته جلسن ۾ سازشي بيانئي سان ماڻهن جا جذبا ڀڙڪائڻ جي ڪوشش ٿي رهي آهي، عمران خان نفرت ڦهلائي نه رڳو پاڪستان پر قومي ادارن جو به نقصان ڪري رهيو آهي، سندس ان عمل کي برداشت نه ڪيو ويندو.پيپلز پارٽي جي شريڪ چيئرمين چيو ته ادارن کي بدنام ڪرڻ جي مهم پاڪستان جي سلامتي لاءِ خطرناڪ آهي، عمران جي ادارن کي بدنام ڪرڻ جي مهم جو فائدو دشمن قوتن کي ٿيندو.آصف علي زرداري چيو ته پاڪ فوج پاڪستاني سرحدن جي محافظ آهي، پاڪ فوج کي سياست ۾ گهلڻ جي ڪوشش ملڪ سان کيڏڻ جي مترادف آهي.آصف علي زرداري چيو ته پاڳل پڻيءَ جو شڪار عمران آئين کي پائمال ڪرڻ تي سندرو ٻڌي بيٺو آهي، عمران نيازي فوج کي تقسيم ڪرڻ جي سازش ڪري رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here