ايف آءِ اي مني لانڊرنگ جي عالمي نيٽ ورڪ سان لاڳاپيل اهم جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو

0
130

ايف آءِ اي جي اينٽي مني لانڊرنگ سيل وڏي ڪاروائي ڪندي اربين رپين جي مني لانڊرنگ ۾ ملوث جوابدار چوڌري افتخار رسول کي گرفتار ڪري ورتو، انڪشاف ٿيو ته گارڊن ٽائون واسي جوابدار چوڌري افتخار رسول جوابدارن قيصر مشتاق ۽ عاصم حسين سان گڏجي مني لانڊرنگ ڪئي. جوابدار چوڌري افتخار رسول 41 جعلي ڪمپنيون قائم ڪيون هيون، جنهن ذريعي جوابدار مبينا طور مني لانڊرنگ ڪئي، ذريعن جو چوڻ آهي ته نيٽ ورڪ ۾ ملوث جوابدارن تحريڪ انصاف قيادت سان ڳجهيون ملاقاتون ڪيون، جنهن جي روشني ۾ ايف آءِ اي جاچ جو دائرو وڌائي ڇڏيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here