پي ٽي آءِ مميبرن بجيٽ تقرير دوران رخنو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پهريان هل هنگامو بعد ۾ گاريون ۽ ميمبرن کي ڪتاب اڇلائي هنيا ويا:مراد علي شاهه

0
72

پي ٽي آءِ مميبرن بجيٽ تقرير دوران رخنو وجهڻ جي ڪوشش ڪئي، پهريان هل هنگامو بعد ۾ گاريون ۽ ميمبرن کي ڪتاب اڇلائي هنيا ويا، اسان اهو سڀڪجهه برداشت نه ڪنداسين، پي ٽي آءِ ميمبر گار گند تي لهي آيا، گذريل ڏينهن جيڪو اسيمبلي ۾ ٿيو، اهو مذمت جوڳو آهي،“ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه پوسٽ بجيٽ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بجيٽ ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو آهي، بجيٽ آئين ۽ رولز موجب پاس ڪرايو ويندو، غير ترقياتي بجيٽ 70 سيڪڙو آهي، غيرترقياتي بجيٽ مان 256 ارب رپيا مڪاني کاتي لاءِ رکيا ويا، صحت کاتي لاءِ 75 ارب رکيا ويا، سوشل سيڪٽر ۾ 18 ارب گرانٽ رکي وئي آهي، 15ارب رپيا عورتن جي مالي سهائتا، ٻوڏ متاثرن جي لاءِ رکيا وياآهن، سنڌ ۾ گهڻيون جايون خالي آهن، ڪجهه رڪاوٽن سبب هُو نوڪريون نه ڏئي سگهيا، ايندڙ سال 3 هزار 7 سئو نوڪريون ڏنيون وينديون، 1گريڊ کان چار گريڊ جون نوڪريون آخري مرحلي ۾ آهن، ايندڙ سال سموريون جايون ڀريون وينديون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here