سمنڊ جي ٻڏڻ واري واقعي ۾ پاڪستاني سفارتخاني 28 پاڪستانين جي فوت ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي

0
76

ترڪيا کان اٽلي ويندڙ غير قانوني مهاجرن جي ٻيڙي سمنڊ ۾ جبل سان ٽڪرائجي ٻڏي ويئي، جنهن جي نتيجي ۾ پاڪستانين سميت 58 ماڻهو فوت ٿي ويا ۽ ماڻهن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي

اٽلي ۾ پاڪستاني سفارتخاني موجب ٻيڙي ۾ سوار 28 پاڪستانين جا لاش ملي ويا آهن

بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٻڏي ويل ٻيڙي ۾ مبينا طور تي 40 پاڪستاني سوار هئا، 12 ڄڻا گم آهن پاڪستاني سفارتخاني موجب اطالوي اختياريون، ميري ٽائيم ايجنسيون ۽ ڪلابريا ۾ پاڪستاني ڪميونٽي ۽ رضاڪارن سان به رابطي ۾ آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here