ڀارت ۾ هڪ ڌڙ سان جڙيل ٻن نوجوانن کي ووٽ وجهڻ جو حق ملي ويو

0
88

امرتسر: ڀارت ۾ هڪ ڌڙ سان جڙيل ٻن نوجوانن کي الڳ ووٽر تسليم ڪيو ويو. ڀارتي ميڊيا موجب پنجاب جي شهر امرتسر ۾ ٿيل چونڊون گذريل عام چونڊن کان بلڪل مختلف ثابت ٿيون. هڪ ڌڙ سان جڙيل ٻن نوجوانن اليڪشن کي يادگار بڻائي ڇڏيو. موهن سنگهه ۽ سوهن سنگهه الڳ الڳ ووٽ ڏنا پر ڪافي قانوني مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو

جاڙن نوجوانن کي ٻه ٽنگون هيون، پر ڌڙ کان مٿي ٻئي ڌار ڌار هئا. موهن سنگهه ۽ سوهن سنگهه کي الڳ الڳ شناختي ڪارڊ جاري ڪيا ويا جن ۾ سندن سڃاڻپ الڳ ٿي وئي ۽ سندن نالا ووٽر لسٽ ۾ ظاهر ڪيا ويا. جڙيل ڀائرن لاءِ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا ته جيئن هو هڪ ٻئي جا بيلٽ پيپر نه ڏسي سگهن. جون 2013ع ۾ پيدا ٿيندڙ جڙوا نوجوانن کي الڳ ڪرڻ لاءِ هڪ آپريشن رٿيو ويو، پر موت جي خطري سبب سندن والدين ايئن ڪرڻ کان روڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here