عورت 4 ڄنگهن واري ٻارڙيءَ کي جنم ڏنو: سڀ حيران

0
185

نيئن دهلي: ڀارت ۾ هڪ عورت کي 4 ڄنگهن واري ٻارڙي جي پيدائش سڀني کي حيران ڪري ڇڏيو آهي. ڀارتي ميڊيا موجب مڌيا پرديش جي ضلعي گواليار ۾ آرتي ڪيمپو نالي عورت مقامي اسپتال ۾ ٻار کي جنم ڏنو، جنهن کي 4 ڄنگهون هيون.

ڀارتي ميڊيا موجب عورت ۽ ٻارڙي کي ڏسندڙ ڊاڪٽرن ۽ طبي عملي جو چوڻ آهي ته ٻارڙي صحتمند آهي ۽ ڄمڻ وقت سندس وزن 2.3 ڪلوگرام هو. اسپتال جي سپرنٽينڊنٽ ڊاڪٽر آر ڪي ايس جو چوڻ آهي ته ڇوڪري کي اسچيوپاگس نالي هڪ جسماني بيماري آهي جنهن سبب ڄمڻ وقت سندس جسم سان ٻه اضافي ڄنگهون جڙيل آهن پر ٻئي اضافي ڄنگهون غير فعال آهن.

ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته ڇوڪري جو طبي معائنو ڪيو پيو وڃي، جيڪڏهن ڇوڪري کي ٻي ڪا به بيماري نه آهي ۽ ڇوڪري صحتمند آهي ته آپريشن ذريعي سندس اضافي ٻه ڄنگهون ڪڍيون وينديون.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here