ڪراچي جي اسڪول ۾ ڀولڙو گهڙي آيو، شاگردن ۾ خوف

0
151

ڪراچي جي علائقي جيڪب لائين کان سرڪاري اسڪول ۾ اوچتو ڀولڙو اچڻ سان ٿرٿلو مچي ويو، استاد ۽ شاگرد خوف جو شڪار ٿي ويا.

ڪراچي جيڪب لائين جي گورنمنٽ بوائز پرائمري اسڪول ۾ اوچتو ڀولڙو هليو آيو. جنهن سبب اسڪول جي شاگردن ۽ استادن ۾ خوف پکڙجي ويو

اسڪول انتظاميا موجب هر ڏينهن ڀولڙا اچي ويندا آهن، اها ٻه ڏينهن پهريان جي وڊيو آهي جڏهن ته ٻه ڀيرا ڀولڙو اچي چڪو آهي

اسڪول انتظاميا موجب ڀولڙو اسڪول جي سامان کي به نقصان رسائيندا آهن ۽ استادن کي به تنگ ڪندا آهن

ڪنزرويٽر سنڌ لائيف جاويد مهر جو چوڻ آهي ته امڪان آهي ته ڀولڙو ڪنهن جو پاليل ٿي سگهي ٿو جيڪو ڀڄي ويو هوندو، ان بابت ٻيلي کاتي جي اهلڪارن کان تفصيل ورتا ويا آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here