دهشتگردن جو علاج ڪيس: وسيم اختر جا ناقابل گرفتاري وارنٽ جاري

0
146

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس ۾ اڳوڻي ميئر وسيم اختر جا نا قابل گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا ويا آهن

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ خانگي اسپتال ۾ دهشتگردن جي علاج بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي، ٻڌڻي دوران پوليس جي جاچ آفيسر ٻڌايو ته جوابدار خلاف نارٿ ناظم آباد ٿاڻي ۾ 2015ع ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو هو

وسيم اختر جي وڪيل حاضري کان ڇوٽ جي درخواست داخل ڪئي پر عدالت وسيم اختر جي حاضري کان ڇوٽ واري درخواست رد ڪري ڇڏي ۽ عدالت ريمارڪس ڏنا ته گرفتاري وارنٽ جاري ٿي چڪا آهن، وسيم اختر کي گرفتار ڪري 12 مارچ تي پيش ڪيو وڃي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here