پٽ پائليٽ بڻجي پنهنجي فلائيٽ ۾ ماءُ کي خانه ڪعبه کڻي وڃڻ جو خواب پورو ڪري ورتو

0
253

ڪراچي: پٽ پائليٽ بڻجي پنهنجي فلائيٽ ۾ ماءُ کي خانه ڪعبه کڻي وڃڻ جو خواب پورو ڪري ورتو، هر والدين جي اها خواهش هوندي آهي ته اولاد سندن خوابن کي پورو ڪري، اهڙي ئي هڪ پٽ بابت اڄڪلهه سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ وائرل ٿي رهي آهي. 

سوشل ميڊيا تي والاريل ڪشمير جي هڪ صارف عامر رشيد واني طرفان شيئر ڪيل پوسٽ گردش ڪري رهي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته هڪ فرمانبردار پٽ جي ماءُ جو خواب پورو ڪرڻ لاءِ پهريان پائليٽ بڻيو ۽ پوءِ پنهنجي ئي جهاز ۾ ماءُ کي کڻي خانه ڪعبه يعني مڪي شريف وٺي ويو، جيڪو سندس امڙ جو خواب هو.

ٽوئيٽر صارف عامر رشيد واني 2 تصويرون شيئر ڪندي ٽوئيٽ ڪيو ته منهنجي ماءُ اسڪول جي ڏينهن ۾ منهنجي لاءِ هڪ ڪارڊ لکيو هو جيڪو هن منهنجي سيني تي لڳايو هو.

هن ٽوئيٽ ۾ وڌيڪ لکيو ته ”منهنجي ماءُ مون کي چوندي هئي ته جڏهن تون پائلٽ ٿيندين ته مون کي پنهنجي جهاز ۾ مڪي وٺي وڃجان. عامر رشيد وڌيڪ لکيو ته اڄ منهنجي ماءُ مڪي وڃڻ وارن مسافرن مان هڪ آهي ۽ آئون ان ئي جهاز جو پائليٽ آهيان.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here