ليلا واسطي ٻيهر اسڪرين تي اچڻ لاءِ تيار

0
489

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ليلا واسطي جي ڳڻپ پاڪستان جي بهترين اداڪارائن ۽ بهترين هدايتڪارن ۾ ٿئي ٿي، هن ڪيترن ئي مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو آهي.

ليلا واسطي پنهنجي شوبز ڪيريئر جي شروعات 90 جي ڏهاڪي ۾ ڪئي، هوءَ شادي کانپوءِ ڪينيڊا هلي وئي ۽ ڪجهه وقت تائين پاڪستاني ڊراما انڊسٽريءَ کان پري رهي.

ليوڪيميا جي سڃاڻپ کانپوءِ هوءَ ڊگهو وقت بيمار رهي ۽ هاڻي سندس علاج مڪمل ٿي ويو آهي ۽ هوءَ ٻيهر اداڪاري ڪندي نظر ايندي.

تازو ئي ليلا واسطي کي فضا علي پنهنجي شو ۾ دعوت ڏني هئي، جتي هن بيماري ۽ ان کان پوءِ واري صورتحال تي خيالن جو اظهار ڪيو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here