ممبئي: 100 سالن جي پيرسن گهر واريءَ سان ٻيهر شادي ڪري ڇڏي

0
147

ممبئي: هندستان جي اولهه بنگال ۾ مرشد آباد سان تعلق رکندڙ بسواناٿ پنهنجي شادي جي 70 هين سالگره ۽ سندس 100 هين سالگره تي پنهنجي 90 سالن جي گهر واري سرودوني سرڪار سان ٻيهر شادي ڪئي

ڀارتي ميڊيا شاديءَ جي ان منفرد تقريب ۾ بسواناٿ جي 9 ٻارن سميت پوٽن، پوٽين، ڏوهٽن، ڏوهٽين ۽ پڙپوٽن پڻ شرڪت ڪئي  ايترو ئي نه پر ان شاندار شادي ۾ اٽڪل 700 ماڻهن کي گهرايو ويو ۽ دعوت ۾ کين مختلف قسم جا طعام پڻ پيش ڪيا ويا  ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب جوڙي جي شادي 1953ع ۾ ٿي هئي ۽ کين 6 پٽ ۽ ٽي ڌيئرون آهن

بسواناٿ جي پٽ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اسان ڪافي عرصي کان سوچي رهيا هئاسين ته والدين کي سندن شادي جي سالگرهه تي هڪ دلچسپ تحفو ڏيون، ان ڪري اسان هن تقريب بابت سوچيو، اسان چاهيون ٿا ته والدين جي شادي نئين نسل لاءِ هڪ مثال بڻجي وڃي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here