عوام مهانگائي ۾ پيٺل آهي، غريب خاندان رُلي ويا آهن، وزير اعظم شهباز شريف ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته ماڻهن وٽ هڪ ويلي جي ماني توڙي علاج ۽ دوائن لاءِ به پئسا ناهن، ماڻهو بيروزگار آهن ۽ مهانگائي آسمان سان ڳالهيون ڪري رهي آهي، دل تي پٿر رکي پيٽرول جا اگهه وڌائڻ جو فيصلو ڪيو، هُن ماهوار 28 ارب رُپيا قومي خزاني مان ماڻهن کي سبسڊي ڏني