عمران خان خلاف لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ توهين عدالت جي ڪارروائي لاءِ درخواست داخل

0
78

لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست مقامي وڪيل داخل ڪرائي، جنهن ۾ عمران خان کي ڌر بڻايو ويو آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته عمران خان جي سربراهي ۾ عدليا خلاف منظم مهم هلائي پئي وڃي، ڊپٽي اسپيڪر جي رولنگ ڪالعدم قرار ڏيڻ تي ججن خلاف مهم هلائي وئي

درخواست ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ ۽ اسلام آباد ۾ پيشي تي عمران خان جٿن سان عدالتن ۾ پيش ٿيو، سرڪاري عمارتن کي نقصان ۽ نعريبازي ڪندي عدالت ۾ پيش ٿيڻ توهين عدالت آهي درخواست موجب اسلام آباد جي جڊيشل ڪامپليڪس تي پلان ڪري حملو ڪيو ويو، جنهن جو ماسٽر مائينڊ عمران خان هو ۽ عمران خان عدليا کي پريشرائز  ڪرڻ لاءِ ورڪرن کي جڊيشل ڪامپليڪس گهرايو، تنهن ڪري سندس خلاف توهين عدالت جي ڪارروائي ڪئي وڃي ۽ عدالت طلب ڪري جواب گهري

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here