مذهبي معاملن ۾ رياستي مشينري کي فردن آڏو نه ليٽڻ گهرجي: جسٽس قاضي فائز عيسيٰ

0
89

اسلام آباد: سپريم ڪورٽ توهين رسالت ڪيس جي جوابدار کي ضمانت تي آزاد ڪري ڇڏيو. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ سپريم ڪورٽ جي 2 رڪني بينچ توهين رسالت جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

جسٽس قاضي فائز عيسيٰ پبلڪ پراسيڪيوٽر کان پڇاڻو ڪيو ته ٽرائل ڪورٽ فرد جرم ۾ ڪا به شق شامل ناهي ڪئي، جڏهن جوابدار کي خبر به ناهي ته هن ڪهڙو ڏوهه ڪيو آهي ته هو پنهنجو ڪيس ڪيئن وڙهندو، ڇا هي ڪيس 295 سي تحت اچي ٿو؟ ڊپٽي اٽارني جنرل جواب ڏنو ته ايف آءِ اي شڪايت تي معاملي جي جاچ ڪئي. جسٽس قاضي فائز عيسيٰ ڊپٽي اٽارني جنرل کي مخاطب ٿيندي چيو ته توهان کي خبر هجڻ گهرجي ته ڪهڙي ڏوهه ۾ ڪهڙا قلم لڳندا آهن، ايف آءِ اي هن ڪيس ۾ اسلامي نظرياتي ڪائونسل کان راءِ به ورتي،

ڪائونسل چيو ته جوابدارن تي 295 سي لاڳو نٿو ٿئي. اسلامي نظرياتي ڪائونسل آئيني ادارو آهي، جيڪڏهن آئيني اداري جي راءِ تي عمل ناهي ڪرڻو ته ادارين کي بند ڪري ڇڏيو. جوابدار جي وڪيل چيو ته اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ 8 جون 2022 تي آئي.

جسٽس يحيٰ آفريدي چيو ته ٽرائل ڪورٽ اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي راءِ باوجود ضمانت رد ڪئي؟جسٽس قاضي فائز عيسيٰ رمارڪس ڏيندي چيو ته مذهب بابت هر ڪيس جو تعلق رياست سان هوندو آهي، مذهب جو معاملو ڪنهن فرد تي نه ٿو ڇڏي سگهجي، رياستي مشينري کي تمام گهڻي صلاحيت ۽ احتياط سان ڏسڻ گهرجي، هن معاملي ۾ رياستي مشينري کي ڪنهن فرد آڏو ليٽڻ نه گهرجي. مذهب سان لاڳاپيل هڪ ڪيس ۾ ٽرائل ڪورٽ فرد جرم لاڳو ڪيو پر قلم نه لڳايا.

عدالت ايف آءِ اي جي جاچ تي عدم اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته هي وڌيڪ جاچ جو ڪيس آهي. عدالت جوابدار جي هڪ لک رپين جي مچلڪن عيوض ضمانت منظور ڪري ورتي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here