سنڌ ۾ مڪاني چونڊن جي پهرئين مرحلي لاءِ سيڪيورٽي پلان تيار، حفاظتي انتظامن کي يقيني بڻائڻ خاطر 20 ايس ايس پيز کي صوبي جي مختلف ضلعن ۾ سڪيورٽي لاءِ خصوصي ٽاسڪ ڏنا ويا، جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب، سيد اسد رضا کي ضلعي ميرپورخاص، عرفان بهادر ۽ شبير سيٺار کي ضلعي لاڙڪاڻي، عديل چانڊيو کي ضلعي جيڪب آباد، فدا جانوري ۽ ذيشان شفيق احمد کي ضلعي گهوٽڪي لاءِ ٽاسڪ ڏنا ويا، قمبر لاءِ سيد محمد علي رضا، شڪارپور لاءِ عرفان سمون کي ٽاسڪ سونپيا ويا