مني لانڊرنگ ڪيس :وزير اعظم شهباز شريف، پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش

0
93

لاهور جي اسپيشل ڪورٽ ۾ ايف آءِ اي مني لانڊرنگ ڪيس جي اڄ ٻڌڻي، وزير اعظم شهباز شريف، پنجاب جو وڏو وزير حمزه شهباز ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا، جج ڪيس جي ٻڌڻي دوران چيو ته جوابدارن جي گرفتاري بابت متضاد رپورٽون آيون آهن، هڪ طرف لکيل آهي ته ماڊل ٽائون جو ايڊريس 41 ڊي موجود ئي ناهي، گڏوگڏ اهو به لکيل آهي ته جوابدار سلمان شهباز ملڪ کان ٻاهر آهي، سلمان شهباز ۽ طاهر نقوي جي ولديت به لکيل ناهي، ايف آءِ اي جي پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته لکڻ واري کان غلطي ٿي آهي، هُو لکڻ چاهي پيو ته جوابدار موجود ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here