بوٽ پالش جا الزام هڻندڙ عمران خان بوٽ چٽڻ تي اچي ويوآهي: بلاول ڀٽو

0
123

عمران الزام هڻڻ بند نه ڪيا ته خاتون اول جي ڪرپشن وائکي ڪري ڇڏيندس.ڪرم ضلعي جي تحصيل پارا چنار ۾ وڏي عوامي جلسي کي خطاب ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو ته وزيراعظم جي رياست جادو ۽ گارين تي ٻڌل آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جنرل حميد گل اوهان جي نيپي تبديل ڪندو هو ۽ جڏهن اوهان جنرل پاشا جو رانديڪو بڻيا اسان کي اهو سڀ به ياد آهي، پر ڪير به عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ جي غلطي مڃڻ لاءِ تيار نه آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ٻين کي جانور چوڻ وارو پاڻ جانور آهي، جنگل جو قانون چاهي ٿو، اوهان کي هاڻي پتو پئجي ويندو ته اپوزيشن ۽ نيب ڇا ٿيندي آهي؟اوهان منهنجي ناشتي ۽ ڌوٻي جي بل جي جاچ به آءِ ايس آءِ کان ڪرائي پر اوهان کي منهنجي خلاف ڪجهه نه مليو .بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڊيزل تاريخ جي بلند ترين سطح تي پهچائيندڙ شخص ٻين کي ڊيزل چئي رهيو آهي.بلاول ڀٽو منهنجي اردو تي تنقيد ڪندڙ وزيراعظم 70 ورهين ۾ پنهنجي اردو درست نه ڪري سگهيو آهي، وزيراعظم منهنجي اردو تي تنقيد کان اڳ پنهنجي 3 ٻارن کي اردو سيکاري.پ پ چيئرمين چيو آهي ته عمران خان ملڪ کي تباهه ڪري ڇڏيو، روزگار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندڙن عوام کي بيروزگار ڪري ڇڏيو، هي عوام نه پر ڪنهن ٻئي جو وزيراعظم آهي.هن چيو ته عمران خان عوام سان ڪيل هڪ به واعدو پورو ناهي ڪيو، آءِ ايم ايف وٽ نه وڃڻ جون ڳالهيون ڪندڙ آءِ ايم ايف سان ملڪ دشمن ڊيل ڪئي.سندس چوڻ هو ته عمران خان ملڪي معاشي خودمختياري تي سوديبازي ڪئي، جنهن جو نقصان عوام کي ٿي رهيو آهي.بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ماڻهن کي گاريون ڏيندڙ وزير به مديني جي رياست جي ڳالهه ڪن ٿا.روزگار ڏيڻ جون ڳالهيون ڪندڙ حڪمران عوام کي بيروزگار ڪن پيا، سليڪٽيڊ حڪومت ۾ آبادگارن کي فصل جو مناسب اگهه نه ملي رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here