سڄي ڪابينا پرڏيهي دورن تي آهي، ننڍا ماڻهو وڏن عهدن تي اچي ويا آهن: فواد

0
146

اسلام آباد: تحريڪ انصاف جي اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته ننڍا ماڻهو وڏن عهدن تي اچي ويا آهن، عهدن جو وقار گهٽجي ويو آهي، اسپيڪر قومي اسيمبلي هاڻ اسان کي چئي رهيو آهي ته سڀاڻي استعيفائن جي تصديق لاءِ اچي وڃو. پريس ڪانفرنس ڪندي فواد چوڌري چيو ته اسانجي 127 ميمبر قومي اسيمبلي ۾ بيهي استعيفائون ڏنيون، جاويد هاشمي ڪيس ۾ طئي ٿيو هو ته ايوان ۾ چيو وڃي ته استعيفا منطور ٿي ويندي، ميمبرن کي استعيفائن بعد ڪابه پگهار يا مراعت ناهي ملي.

هن چيو ته اسپيڪر ۽ سينيٽ چيئرمين جي عهدن جو دنيا ۾ وقار هوندو آهي، اسان اسپيڪر کي استعيفائن جي تصديق لاءِ خط لکيو، هاڻ اسپيڪر جو جواب آيو آهي، جيڪو هيڏانهن جو آهي نه هوڏانهن جو، قومي اسيمبلي ۾ استعيفائن باوجود خالي سيٽن تي اڃا اليڪشن ناهي ٿي. اسپيڪر ۽ ايم اين اي سڀ پرڏيهي دورن تي هوندا آهن، هڪ ڏينهن جي دوري تي 43 ماڻهو چين ويا، هنن حڪومت پرڏيهي دورن لاءِ ئي رکي آهي. هن چيو ته ملڪي مسئلن جو حل چونڊون آهن، حڪومت تي اسلام آباد جي مڪاني اليڪشن ڪرائڻ لاءِ به تيار ناهي.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here