سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023ع کي سپريم ڪورٽ ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪيو آهي

0
190

محمد شفيع منير ايڊووڪيٽ سپريم ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي، جنهن ۾ وفاقي حڪومت کي ڌر بڻايو ويو آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته سپريم ڪورٽ جا رولز ٺاهڻ جو اختيار رڳو سپريم ڪورٽ کي ئي آهي، پارليامينٽ طرفان سپريم ڪورٽ جي رولز ۾ ترميم غيرقانوني آهي

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته سپريم ڪورٽ بابت قانون سازي بدنيتي تي ٻڌل آهي، آرٽيڪل 70 تحت ايڪٽ آف پارليامينٽ ذريعي سپريم ڪورٽ جا اختيار محدود نه ٿا ڪري سگهجن

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته ايڪٽ کي غير قانوني ۽ غير آئيني قرار ڏنو وڃي

ٻئي طرف وڪيل سعيد آفتاب به سپريم ڪورٽ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ 2023ع کي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري ڇڏيو آهي

اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست ۾ سپريم ڪورٽ جي پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي وئي آهي درخواست ۾ چيو ويو آهي ته بنيادي مطالبو رڳو آرٽيڪل 184 تحت ڏنل فيصلن خلاف اپيل جي حق جو هو، اپيل جو حق چيف جسٽس جا اختيار گهٽ ڪرڻ کانسواءِ ڏئي سگهجي ٿو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here