تحريڪ انصاف جي جيل ڀريو تحريڪ جي ٻئي ڏهاڙي تي پشاور مان ڪارڪنن گرفتاريون ڏنيون

0
75

جيل ڀريو تحريڪ جي ٻئي ڏينهن پشاور ۾ تحريڪ انصاف جي ڪارڪنن جيل اندر داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي ته ڀاڄ پئجي وئي

پي ٽي آءِ ڪارڪنن جڏهن سينٽرل جيل جو دروازو کولڻ جي ڪوشش ڪئي ته پوليس ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن آمهون سامهون ٿي ويا

لائوڊ اسپيڪر تي پوليس پاران اعلان ڪيا ويا ته پوليس وين موجود آهي، جنهن کي گرفتاري ڏيڻي آهي، اهي اچي وين ۾ ويهي رهن

پشاور ۾ پي ٽي آءِ پاران پهرين گرفتاري اڳوڻي اقليتي اسيمبلي ميمبر وزير زاده ڏني، جڏهن ته اڳوڻو ميمبر صوبائي اسيمبلي روي ڪمار به پوليس وين ۾ ويٺو

ٻئي پاسي جيل ڀريو تحريڪ ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرڀاتين سندن آزادي لاءِ عدالت سان رجوع ڪري ورتو آهي

پي ٽي آءِ جي وائيس چيئرمين شاهه محمود قريشي، اعجاز چوڌري، اسد عم، وليد اقبال ۽ ٻين جي گهرڀاتين سندن آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪئي آهي

شاهه محمود قريشي جي پٽ ۽ ڌيءَ پنهنجي والد جي آزادي لاءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست داخل ڪري ڇڏي آهي، جنهن ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته شاهه محمود قريشي کي بنا سبب جيل ۾ رکيو ويو آهي

سندن موجب، تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي اربع ڏينهن لاهور مان پوليس حراست ۾ ورتو هو ۽ هاڻي کين اهو نه ٻڌايو پيو وڃي ته اهي ڪٿي آهن؟

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته لاهور هاءِ ڪورٽ تحريڪ انصاف جي اڳواڻن کي قيد مان آزاد ڪرڻ جو حڪم ڏئي

پي ٽي آءِ اڳواڻن جي گهرڀاتين طرفان داخل درخواستن تي ٻڌڻي جمعي تي ٿيندي

هوڏانهن تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان چيو آهي ته جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، جيڪو مذمت جوڳو آهي

وڊيو لنڪ ذريعي پنهنجي خطاب ۾ عمران خان چيو ته پشاور ۾ به عوام وڏي انگ ۾ جيل ڀريو تحريڪ لاءِ ٻاهر نڪتو، جيل ڀريو تحريڪ پرامن احتجاج آهي، حڪومت جنهن قسم جا حربا استعمال ڪري رهي آهي، اهو سڀني جي سامهون آهي

هن چيو ته جيل ڀريو تحريڪ تحت گرفتار پي ٽي آءِ جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن سان دهشتگردن جهڙو سلوڪ ڪيو پيو وڃي، ڪجهه کي گرفتار ڪيو ويو ۽ ڪجهه کي ڊيرا غازي خان جيل منتقل ڪيو ويو، جڏهن ته شاهه محمود قريشي کي اٽڪ جيل موڪليو ويو آهي

عمران خان چيو ته جيڪڏهن حڪومت اهو سڀ ڪجهه ڪري عوام کي ڊيڄارڻ چاهي ٿي ته اها سندن ڀُل آهي، پاڪستان جي موجوده صورتحال سبب قوم روڊن تي نڪرڻ لاءِ تيار آهي عمران خان وڌيڪ چيو ته نگران حڪومت جو واحد ڪم چونڊون ڪرائڻ آهي، پنجاب جي نگران حڪومت چونڊن کانسواءِ ٻيا سڀ ڪم ڪري رهي آهي، ملڪ جي تاريخ ۾ اهڙي جانبدار نگران حڪومت ڪڏهن به نه آئي آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here