صدر خلاف مواخذي جي رٿ پيش ڪري سگهجي ٿي: وفاقي گهرو وزير

0
131

ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته صدر عارف علوي پنهنجي ئي پير تي ڪهاڙو هڻڻ بدران آئيني حدن ۾ رهي، هو ايوان صدر کي بليڪ ميلنگ جو اڏو بڻائڻ کان پاسو ڪري

اليڪشن جي تاريخ ڏيڻ سان صدر جو ڪو به تعلق ناهي

هن چيو ته عارف علوي اليڪشن ڪميشن کي غيرقانوني ۽ غيرآئيني حڪمن تي مجبور نٿو ڪري سگهي

سندس چوڻ هو ته اليڪشن ڪميشن اوهان جي غلام ناهي جو جيئن چئو ائين ئي ڪري

راڻا ثناءُ الله چيو ته عمران خان معيشت، پرڏيهي پاليسي ۽ قومي مفادن کي نقصان پهچايو گهرو وزير چيو ته هاڻي عمران رياستي سربراهه جي عهدي کي سازش لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here