قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس، اڳوڻي حڪومت خلاف پرڏيهي سازش واري الزام کي رد ڪري ڇڏيو

0
157

وزيراعظم شهباز شريف جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ آمريڪا ۾ مقرر اڳوڻي پاڪستاني سفير اسد مجيد مبينا ڌمڪي واري خط تي بريفنگ ڏني.پڌرائيءَ موجب قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جا منٽس به پيش ڪيا ويا، اجلاس ۾ آرمي چيف جنرل قمر جاويد باجوا، جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي چيئرمين، فضائيا ۽ بحريا جا سربراهه به شريڪ ٿيا.اجلاس جي پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ڳجهن ادارن خط جي جاچ ڪئي، جاچ دوران پرڏيهي سازش جا ثبوت نه مليا، سيڪيورٽي ادارن جي جاچ جو نتيجو اهو نڪتو ته ڪا ٻاهرين سازش نه ٿي، اجلاس ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جي گذريل اجلاس جي فيصلن جي حمايت ڪئي وئي.آمريڪا ۾ مقرر پاڪستان جي اڳوڻي سفير اسد مجيد قومي سلامتي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني ۽ ٻڌايو ته واشنگٽن ۾ پاڪستاني سفارتخاني کي ٽيلي گرام وصول ٿيو، ڪميٽي ان ٽيلي گرام تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.اسد مجيد ٽيلي گرام جا تفصيلن تي ڪميٽي کي بريفنگ ڏني.27 مارچ تي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ جلسي دوران خط لوڏيندي دعويٰ ڪئي هئي ته منهنجي حڪومت کي پرڏيهي سازش تحت ڪيرائڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، اسان کي خط لکي ڌمڪي ڏني وئي آهي.معاملي تي پرڏيهي کاتي اسلام آباد ۾ مقرر آمريڪي نمائندي سان احتجاج ڪندي ڊي مارش به جاري ڪيو هو.ان معاملي تي 31 مارچ تي ان وقت جي وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس به ٿيو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here