عمران خان جو ساڳيو ئي رويو برقرار رهيو ته پوءِ 8 آڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿي سگهنديون: راڻا ثناءُ الله

0
153

پنهنجي هڪ بيان ۾ وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءَ الله چيو ته حڪومت پارليامينٽ جي راءِ وٺڻ کانسواءِ اڳتي نٿي وڌي سگهي، سپريم ڪورٽ وزيراعظم کي گهرائيندي ته هُو چئي ڇڏيندو ته حڪومت ڪابينا آهي ۽ ڪابينا معاملو پارليامينٽ ڏانهن اماڻيو، اسان ته چئون ٿا ته سپريم ڪورٽ سموري پارليامينٽ کي گهرائي نااهل ڪري ڇڏي هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن عمران خان 25 مئي جو الٽي ميٽم نه ڏئي ها ته اسان اسيمبليون ٽوڙڻ جو فيصلو ڪيو هو، نواز شريف جو فيصلو حڪومت ڇڏڻ ۽ چونڊن ۾ وڃڻ جو هو، جيڪڏهن عمران خان جو اهو ئي رويو رهيو ته پوءِ شايد 8 اڪٽوبر تي به چونڊون نه ٿين

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here