آءِ ايم ايف گيِسيون ڪڍائڻ کانپوءِ به قسط جاري نه ڪئي: وفاقي گهرو وزير

0
73

وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو آهي ته عالمي مالياتي فنڊ (آءِ ايم ايف) گيِسيون ڪڍائڻ کانپوءِ به قسط جاري نه ڪئي.فيصل آباد ۾ عيد نماز کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله چيو ته پاڪستان هن وقت معاشي حوالي سان تمام گهڻي ڏکئي وقت مان گذري رهيو آهي، ملڪ خاطر ڏکيا فيصلا ڪرڻا پئجي رهيا آهن.وفاقي گهرو وزير چيو ته ملڪ تي انتقامي ڪارروايون ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪجهه به نه ڪندڙ گروهه مڙهيو ويو، فسادي ٽولي ملڪ کي تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، پر هاڻ سندن ڪوشش آهي ته ملڪ بهتري ڏانهن وڃي.راڻا ثناءُ الله چيو ته آءِ ايم ايف جا هنن اُهي به شرط مڃيا جنهن جي هوُ حق ۾ به نه هئا، هاڻ آءِ ايم ايف کي گهرجي ته قسط فوري طور جاري ڪري ته جيئن ڏکين حالتن مان نڪري سگهجي.هڪ سوال جي جواب ۾ راڻا ثناءُ الله چيو ته سپريم ڪورٽ سندس ڪيس جو پاڻمرادو نوٽيس وٺي، ڪوڙي ڪيس جي جاچ مثبت انداز ۾ ڪئي وڃي، ايترو ظلم 74 سالن ۾ ڪنهن سان به نه ٿيو جيترو پي ٽي آءِ دور ۾ سياسي مخالفن سان ٿيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here