آئين ادارن وچ ۾ پاور جي ورهاست ڪئي: وزيراعظم شهبازشريف

0
210

قومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزير اعظم شھباز شريف چيو ته لاڏلي کي پاڪستان سان کيڏڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، قانون پنهنجو رستو اختيار ڪندو، آئين ادارن ۾ طاقت جي ورڇ جي ريڊ لائن لڳائي پر اڄ آئين جو مذاق اڏئي عدليا جي اختيارن جا بخيا اڊيڙيا پيا وڃن

وزيراعظم چيو ته  گذريل سال هو مخالف ڌر ۾ هئا، هن رياست کي بچاءُ لاءِ سياست پنهنجي سياست داءُ تي لڳائي آئيني  طريقي سان بي اعتمادي رٿ آڻي، عمران خان کي گهر ڀيڙو ڪيو وزيراعظم شهبازشريف چيو ته آئين کي 50 سال مڪمل ٿي ويا آهن، جنهن تي هو قوم کي واڌايون ڏي ٿو، آئين تي شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ۽ سياسي اڳواڻن جون ڪوششون آهن، ذاتي پسند ۽ ناپسند هڪ پاسي رکي آئين ٺاهيو ويو هو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here