چونڊون رڳو ايمرجنسي لاڳو ڪري ئي ملتوي ڪري سگهجن ٿيون: چيف جسٽس عمر عطا بنديال

0
286

پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي دوران چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال رمارڪس ڏنا آهن ته چونڊون رڳو ايمرجنسي لاڳو ڪري ئي ملتوي ڪري سگهجن ٿيون،چيف جسٽس چونڊن لاءِ ججز جي پگهارن مان ڪٽوتي جي تجويز ڏيندي چيو ته چونڊن لاءِ پوري بجيٽ جي ته ضرورت ئي ناهي، 20 ارب لاءِ ڪٽ ججز جي پگهارن تي به لڳائي سگهجي ٿو، حڪومت خرچ گهٽائي 20 ارب ڪڍي سگهي ٿي

سپريم ڪورٽ جي پنج رڪني لارجر بينچ پنجاب ۾ چونڊون ملتوي ڪرڻ خلاف تحريڪ انصاف جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، بينچ جي سربراهي چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال ڪئي، جڏهن ته جسٽس اعجاز الحسن، جسٽس منيب اختر، جسٽس امين الدين ۽ جسٽس جمال خان مندوخيل به بينچ ۾ شامل آهن

ٻڌڻي شروع ٿي ته چيف جسٽس چيو ته هو ان ٻڌڻي کي گهڻو وقت لڙڪائڻ نٿا چاهين، ڪالهوڪي حڪم موجب اليڪشن ڪميشن جو دائرو ڏسڻو آهي، سياسي پارٽين جي ڌر بڻجڻ وارو معاملو بعد ۾ ڏسنداسين، قانون جي بالادستي ۽ جمهوريت هڪ ئي سڪي جا ٻه پاسا آهن، اڄڪلهه سياسي پارو ڏاڍو مٿي آهي

چيف جسٽس چيو ته هُو ذاتي طور تي سمجهي ٿو ته قانوني تڪرار ۾ نه پوڻ گهرجي، کين سماجي ۽ سياسي ڊسپلين جي بحالي به ڪرڻي آهي، سپريم ڪورٽ سٺي نيت سان ڪيس ٻڌڻي رهي آهي

جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڌرين کي فيصلو ڪرڻو آهي ته حالتن کي ڪهڙي پاسي وٺي وڃڻو آهي، گذريل ڏينهن به چيوسين ته قانوني معاملو هوا ۾ حل نه ٿو ٿي سگهي، آئين هڪ زنده دستاويز آهي، جنهن جي تشريح زميني حالتن جي بنياد تي ئي ٿي سگهي ٿي

وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته طئي ڪرڻو آهي ته موجوده سياسي ۽ معاشي حالتن ۾ جمهوريت ۽ ملڪ لاءِ ڇا بهتر آهي، سياسي پارٽيون اسٽيڪ هولڊر آهن، انهن کي لازمي ٻڌڻ گهرجي، جنهن تي جسٽس جمال مندوخيل فاروق ايڇ نائيڪ کان پڇاڻو ڪيو ته توهان ان ڳالهه کي پارليامينٽ ۾ ڇو نٿا کڻي وڃو؟ جنهن تي فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته هو معاملو پارليامينٽ ۾ اٿارڻ جو سوچي رهيا آهن

ان موقعي تي اٽارني جنرل منصور عثمان چيو ته پهرين مارچ جي حڪمنامي ۾ ٻن ججن فيصلو ڏنو، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته هي هڪ الڳ ڪيس آهي، پهرين مارچ جي فيصلي تي منهنجو جواب آهي ته قانون صدر کي تاريخ ڏيڻ جو اختيار ڏئي ٿو، پهرين جيڪڏهن مارچ واري فيصلي تي توهان کي وضاحت گهرجي ته ڌار درخواست ڏيو، سادو سوال آهي ته اليڪشن ڪميشن تاريخ اڳتي وڌائي سگهي ٿي يا نه؟ جيڪڏهن اليڪشن ڪميشن جو اختيار ثابت ٿي ويو ته معاملو ختم ٿي ويندو

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڇا اليڪشن ڪميشن کي ملڪ جي صدر جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو اختيار آهي؟ ڇا اليڪشن ڪميشن 90 ڏينهن کان وڌيڪ دير ڪري سگهي ٿي؟ جڏهن ته چيف جسٽس چيو ته اليڪشن ايڪٽ جو سيڪشن 58 چونڊون ملتوي ڪرڻ جي اجازت نٿو ڏئي

جسٽس اعجاز الحسن چيو ته اليڪشن ڪميشن تاريخ ۾ تبديلي لاءِ صدر سان رابطو ڪري سگهي پئي، سمورا انتظامي ادارا اليڪشن ڪميشن سان سهڪار ڪرڻ جا پابند آهن، ڪارڻ ٺوس هُجن، تڏهن ئي اليڪشن ڪميشن رابطو ڪري سگهي ٿي، جيڪڏهن 90 ۾ چونڊون ممڪن نه هجن ته عدالت حڪم ڏئي سگهي ٿي

ان موقعي تي چيف جسٽس چونڊن لاءِ ججز جي پگهارن مان ڪٽوتي جي تجويز ڏني ۽ چيو ته چونڊن لاءِ پوري بجيٽ جي ته ضرورت ئي ناهي، 20 ارب لاءِ ڪٽ ججز جي پگهارن تي به لڳائي سگهجي ٿو، حڪومت خرچ گهٽائي 20 ارب ڪڍي سگهي ٿي

وڪيل فاروق ايڇ نائيڪ چيو ته وفاقي خرچ پارليامينٽ جي منظوري سان ٿيندا آهن، موجوده ڪيس ۾ قومي اسيمبلي موجود آهي، نئين اسيمبلي خرچن جي منظوري ڏيندي آهي، ناڻي واري سيڪريٽري جي بيان جو جواب اليڪشن ڪميشن ئي ڏيندي جسٽس جمال مندوخيل چيو ته ناڻي وارو سيڪريٽري منظور ٿيل بجيٽ کان وڌيڪ فنڊ ڪيئن ٿو ڏئي سگهي؟ جنهن تي چيف جسٽس چيو ته ملڪ معاشي بحران مان گذري رهيو آهي، معاشي بحران جي حقيقت کي نظرانداز نٿو ڪري سگهجي، بحران کي منهن ڏيڻ لاءِ قربانيون ڏيڻيون پونديون، 5 سيڪڙو پگهارون ڪٽڻ سان اليڪشن جو خرچ نڪري سگهي ٿو، رڳو ايمرجنسي لڳائي ئي اليڪشن ملتوي ڪري سگهجن ٿيون

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here