خانگي ٽي وي کي انٽرويو ڏيندي جسٽس رٽائرڊ اعجاز افضل چيو ته واليم ٽين ۾ شريف ڪٽنب جي مختلف ملڪن ۾ مالياتي معاملن جا ثبوت موجود آهن، ان ۾ رياست مخالف ڪا به ڳالهه ناهي، واٽس ايپ ذريعي جي آءِ ٽي ميمبرن جي چونڊ واري معاملي کي اجايو هوا ڏني وئي
هن چيو ته جي آءِ ٽي لاءِ حڪومت طرفان اسان کي جيڪي نالا موڪليا ويا هئا، جڏهن انهن نالن جي جاچ ڪئي وئي ته انهن جي ديانداري تي وڏا سوال اٿيا، جنهن بعد رجسٽرار کي چيو ويو ته چيئرمين ايس ايِ سي پي کي چئو ته نالو ڏئي، ان موقعي تي هن سدائين وانگر واٽس ايپ تي پيغام موڪليو
رٽائرڊ جج چيو ته پاناما جي ٻڌڻي جي شروعات تي جسٽس کوسا ۽ جسٽس گلزار چيو هو ته نواز شريف ۽ سندس خاندان پنهنجي اثاثن جا ذريعا ظاهر ڪرڻ ۾ ناڪام رهيا ۽ جيڪو ڪجهه به پيش ڪيو، اهو غلط هو، جڏهن ته هُن سميت باقي ٽن ججز ان معاملي جي وڌيڪ جاچ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو
هن چيو ته سلمان اڪرم راجا اعتراف ڪيو ته پگهار جي رقم ميان صاحب جي اڪائونٽ ۾ منتقل ٿي پر هن اها ڪڏهن به اڪائونٽ مان ڪيش نه ڪرائي لکت واري جواب ۾ خواجا حارث چيو ته نواز شريف جنوري 2013ع ۾ پگھار جي سموري رقم پٽ کي واپس ڪئي ۽ ان لکت واري جواب سبب ميان صاحب بُري طريقي سان ڦاسي پيو