گڏيل قومن پاڪستان لاءِ امداد جي اپيل 16 کان وڌائي 81 ڪروڙ 60 لک ڊالر ڪري ڇڏي، اپيل جنيوا ۾ اڄ گڏيل قومن ۽ پاڪستان پاران گڏيل طور پيش ڪئي ويندي، پاڪستان لاءِ گڏيل قومن جي رابطا آفيسر جوليئن هارنيس جو چوڻ آهي ته پاڪستان بدترين ٻوڏ بعد پاڻي مان پيدا ٿيل بيمارين کي منهن ڏئي رهيو آهي، ٻوڏ متاثر موت ۽ تباهي جي ٻئي مرحلي ۾ داخل ٿي رهيا آهن، متاثر علائقن ۾ صحت، غذا، پاڻي ۽ صفائي جي ڪمن ۾ مدد جي ضرورت آهي، پاڪستان جي مدد نه ڪئي وئي ته ٻارن جي بيمارين ۾ خوفناڪ واڌ ايندي، جوليئن هارنيس موجب، ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ هن وقت تائين 17 سئو ماڻهو فوت ٿي چُڪا آهن