اسلام آباد وڏي تباهي کان بچي ويو، عورت سميت ٻه مبينا آپگهاتي بمبارن تلاشي دوران پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو، هل پوليس اهلڪار شهيد، ٽي اهلڪار زخمي ٿي پيا.
ريسڪيو ذريعن موجب، آپگهاتي بم ڌماڪو اسلام آباد جي علائقي آءِ ٽين ۾ ٿيو
اسلام آباد پوليس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته اسلام آباد ۾ سڪيورٽي هاءِ الرٽ هُئي، چيڪنگ دوران پوليس اهلڪارن هڪ شڪي گاڏيءَ کي روڪيو ته گاڏي ۾ موجود ڌماڪيدار مادو ڦاٽي پيو
پوليس ترجمان جو چوڻ آهي ته شروعاتي جاچ موجب، ڌماڪو آپگهاتي هو، جنهن ۾ گاڏيءَ جو ڊرائيور موقعي تي ئي مارجي ويا، جڏهن ته 4 پوليس اهلڪار زخمي ٿي پيا، جن کي پمز اسپتال منتقل ڪيو ويو
پوليس اختيار بعد ۾ هڪ پوليس اهلڪار جي شهيد ٿيڻ جي تصديق ڪندي چيو آهي ته ڌماڪي ۾ زخمي ٿيل هيڊ ڪانسٽيبل عديل حسين شهيد ٿي ويو آهي
پوليس موجب واقعي واري هنڌ تان هڪ موبائل فون به مليو آهي جنهن کي قبضي ۾ ورتو ويو آهي
ڌماڪي بعد قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن واقعي واري هنڌ کي فوري طور تي گهيري هيٺ آڻي ڇڏيو، ذريعن موجب گهرو وزارت سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سيف سٽي ڪيمرائن جي مدد سان پتو لڳايو ويندو ته گاڏي ڪٿان کان آئي هُئي
گهرو معاملن واري وفاقي وزير راڻا ثناءُ الله ڌماڪي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته بارود سان ڀريل گاڏي راولپنڊي کان اسلام آباد ۾ داخل ٿي، اسلام آباد پوليس فرض شناسي جو مظاهرو ڪيو، تلاشي دوران آپگهاتي بمبار پاڻ کي ڌماڪي سان اُڏائي ڇڏيو
راڻا ثناءُ الله موجب گاڏي ۾ ٻه آپگهاتي بمبار هُئا، ڌماڪي ۾ ٻئي دهشتگرد مارجي ويا،تلاشي دوران هڪ پوليس اهلڪار شهادت ماڻي
وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله خدشو ظاهر ڪيو ته بارود سان ڀريل گاڏي جو ٽارگيٽ هاءِ ويليو هو، پوليس اهلڪارن جي فرض شناسي سبب اسلام آباد وڏي حادثي کان محفوظ رهيو، اسلام آباد پوليس جي اهڙي فرض شناسي تي آئون کين ڀيٽا پيش ڪريان ٿو.
اسلام آباد پوليس جي ڊي آءِ جي سهيل ظفر چٺا چيو آهي ته ايگل اسڪواڊ جي اهلڪارن هڪ مشڪوڪ گاڏي کي روڪيو جنهن ۾ هڪ مرد ۽ هڪ عورت سوار هُئا، گاڏي ۾ موجود شخص پاڻ کي ڌماڪيدار مواد سان اُڏائي ڇڏيو