لاهور ۾ ڊرون جهاز ڪري پيو

0
135

لاهور جي علائقي ٺوڪر نياز بيگ ۾ اورنگ لائن ٽرين ٽرمينل ڀرسان ڊرون جهاز ڪري پيو.

پوليس  ٻڌايو ته  ڊرون جهاز هيٺان ڪيمرا نصب آهي، بم ڊسپوزل اسڪواڊ ڊرون جي چيڪنگ ڪئي پر ڊرون ۾ ڪو بارودي مواد نه مليو، ڊرون ٺوڪر نياز بيگ جي علائقي ۾ اورنج لائن ٽرين ٽرمينل ڀرسان ڪريو.

لاهور پوليس ترجمان موجب  جهاز کي تحويل ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، سينيئر پوليس آفيسرن ۽ لاڳاپيل ادارو موقعي تي موجود آهي. لاڳاپيل ادارو ثبوتن جي بنياد تي ريموٽ ڪنٽرول جهاز جو جائزو وٺي رهيو آهي. سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر واقعو جو نوٽيس وٺندي جاچ مڪمل ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.

سي سي پي او جو چوڻ آهي ته  ايس پي صدر ڊاڪٽر رضا تنوير جي سربراهي ۾ چوهنگ پوليس گڏيل ڪارروائي ڪندي جهاز جي مالڪ حمد کي گرفتار ڪري سمورن رخن کان جاچ جي شروعات ڪري ڇڏي.

ايس پي انويسٽيگيشن صدر ڊاڪٽر رضا تنوير ٻڌايو ته فرانزڪ رپورٽ جي روشني ۾ وڌيڪ ڪارروائي عمل ۾ آندي ويندي.

ٻئي پاسي ڊرون جهاز جي گرفتار مالڪ حامد موقف اختيار ڪيو آهي ته ڊرون جهاز جو مڪينڪ آهيان ۽ ٽيسٽ اڏام لاءِ جهاز اڏايو هو.

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here