چيف جسٽس آف پاڪستان، جسٽس عمر عطا بنديال نيب ترميمن خلاف ڪيس جي درخواست گذار ۽ پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان کي طلب ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي،، چيف جسٽس رمارڪس ڏنا آهن ته ڇو نه عمران خان کي گهرائي کائنس پڇاڻو وڃي ته جيڪڏهن کيس اسيمبليءَ ۾ ناهي وڃڻو ته اليڪشن ڇو وڙهي رهيو آهي
سپريم ڪورٽ ۾ نيب ترميمن خلاف عمران خان جي درخواست تي چيف جسٽس، جسٽس عمر عطا بنديال جي سربراهي ۾ ٽي رڪني خاص بئنچ ٻڌڻي ڪئي
ٻڌڻي دوران چيف جسٽس عمر عطا بنديال چيو ته ڇو نه عمران خان کي گهرائي پڇيو وڃي ته کيس اسيمبليءَ ۾ ناهي وڃڻو ته اليڪشن ڇو وڙهي رهيو آهي
چيف جسٽس ان موقعي تي عام چونڊن جو به خاص ذڪر ڪيو ۽ چيو ته مُلڪ ۾ سمورن مسئلن جو حل عوام جي فيصلي سان ئي ممڪن آهي، موجودا حڪومت کي قائم ٿئي اٺ مهينا گذري چڪا آهناليڪشن ڪميشن اسپيڪر رولنگ ڪيس ۾ چيو هو ته نومبر 2022ع ۾ عام چونڊون ڪرائڻ جي پوزيشن ۾ هونداسين
چيف جسٽس چيو ته موجودا پارليامنٽ کي ڄاڻي واڻي اڻپورو رکيو ويو آهي ۽ پارليامنٽ ۾ ٿيندڙ قانوسازي به تڪراري بڻجي رهي آهي
وفاقي حڪومت جي وڪيل دليل ڏيندي چيو ته عدالت آرٽيڪل 184 ٿري تائين محتاط رهي، آرٽيڪل 184 ٿري تحت ڪنهن به درخواست تي قانونسازي ڪالعدم قرار ڏني وئي ته معيار ڪِري پوندو، آرٽيڪل 184 ٿري جو اختيار عوامي معاملن ۾ هوندو آهي
چيف جسٽس چيو ته موجودا ڪيس جون حقيقتون مختلف آهن، مُلڪ جي سڀ کان وڏي سياسي پارٽي جي سربراهه نيب ترميمن کي چئلينج ڪيو آهي، مُلڪ ۾ سخت سياسي ڇڪتاڻ ۽ بحران آهي، پي ٽي آءِ پهريان پارليامنٽ ڇڏڻ جي حڪمت عملي اختيار ڪئي، خبر ناهي ته وري ڇو پارليامنٽ ۾ واپس ورڻ جو به فيصلو ڪيو اٿئون
چيف جسٽس رمارڪس ڏنا ته درخواست گذار عمران خان ڪو عام شهري ناهي، حڪومت ڇڏڻ کانپوءِ به عمران خان کي عوام جي وڏي حمايت حاصل آهي، عدالت قانونسازي ۾ مداخلت نٿي ڪرڻ چاهي، عدالت پاڻمرادو نوٽيس ناهي ورتو پر نيب ترميمن خلاف درخواست آئي آهي، عدالت ان کان اڳ به هڪ ڀيرو پنهنجي فيصلي تي افسوس جو اظهار ڪري چڪي آهي
چيف جسٽس رمارڪس ڏيندي وڌيڪ چيو ته پاڪستان جي تاريخ ۾ هڪ ئي وزيراعظم آيو هو، جنهن کي سڀ کان وڌيڪ ديانتدار سمجهيو ويندو هو، هڪ ديانتدار وزيراعظم جي حڪومت 58 ٽو بي تحت ختم ڪئي وئي، آرٽيڪل 58 ٽو بي ڊريڪونين قانون هو، عدالت 1993 ۾ قرار ڏنو ته حڪومت غلط طريقي سان ختم ڪئي وئي پر هاڻي چونڊون ئي ڪرايون وڃن
سرڪاري وڪيل مخدوم علي خان چيو ته ڪڏهن ناهي ٿيو ته سياسي بازي هارائڻ کانپوءِ ڪير پارليامنٽ مان نڪري عدالت ۾ آيو هجي، اهڙي طرح سياست کي عدليا ۾ ۽ عدليا کي سياست ۾ گهيليو پيو وڃي، چونڊن کان اڳ قانون ۾ وضاحت ضروري آهي، مُلڪ ۾ چونڊن لاءِ هر ڪنهن کي وڌيڪ سيٽن تي چونڊ وڙهڻ جو حق حاصل آهي، جڏهن ته ڀارت ۾ هڪ شخص کي هڪ ئي سيٽ تي چونڊن ۾ حصو وٺڻ جي اجازت آهي، هڪ کان وڌيڪ سيٽن تان چونڊ وڙهڻ سان ڪاميابي يا ناڪامي جي صورت ۾ عوامي پئسو ضايع ٿيندو آهي
چيف جسٽس چيو ته ذوالفقار علي ڀٽو هڪ کان وڌيڪ سيٽن تان چونڊ وڙهيو هو، هن بنا مقابلي سيٽ کٽي ته باقي چونڊون معمول موجود ٿيون هيون، جنهن تي مخدوم علي خان چيو ته اِهو 1970ع کان پهريان معاملو هو، عوام ڀٽو جي بنا مقابلي ڪاميابي جي وڏي قيمت ضياءَ جي يارنهن سالا آمريت جي صورت ۾ ادا ڪئي، هڪ عدالت جهموريت نه بچائي سگهي
چيف جسٽس چيو ته سياسي خال ڀرڻ عوام لاءِ ڏکيو مرحلو هوندو آهي، جڏهن سياسي بحران هوندو آهي ته عدالت کي مداخلت ڪرڻي پوندي آهي، عوام ڪرپشن کان پاڪ حڪومت چاهي ٿو
جسٽس اعجاز الحسن چيو ته ڇا عدالت اسيمبلي بائيڪاٽ تي ڪنهن جو حق دعويٰ رد ڪري سگهي ٿي؟، نيب ترميمون رڳو پنهنجي فائدي لاءِ ڪيون ويون، ڪجهه ماڻهن لاءِ قانونسازي ڪئي وئي، جن جا پنهنجا مفاد هئا
سرڪاري وڪيل مخدوم علي خان چيو ته عمران خان ۽ سندس ڪابينا ميمبرن جا نيب جي حوالي سان بيان رڪارڊ تي آهن، عمران خان هنگامي بنيادين تي آرڊيننس آڻي نيب قانون ۾ ترميم ڪئي، جنهن تي چيف جسٽس چيو ته آرڊيننس عارضي قانونسازي هوندي آهي، تازيون ترميمون مستقل نوعيت جون آهن، آرڊيننس آڻڻ جو سبب اسيمبلي ۾ اڪثريت جو نه هجڻ به هوندو آهي، پارليامنٽ ۾ ٿيندڙ بحث ۾ حصو نه وٺڻ جي وضاحت جو به انتظار آهي
سرڪاري وڪيل چيو ته پي ٽي آءِ طرفان آرڊيننس ۾ ترميم ڪري نيب قانون آندو ويو، موجوده حڪومت عمران خان جون ڇڏيل نيب ترميمون ڪجهه ڦيرڦار سان منظور ڪيون
هن چيو ته پي ٽي آءِ دور ۾ سال 2021ع ۾ پنج نيب آرڊيننس آندا ويا، عمران خان رڳو اقتدار وڃائڻ تي نيب ترميمون چئلينج ڪيون آهن، ڪهڙي خبر عمران خان عدالت ۾ اچي چوي ته هن نيب ترميمون پڙهيون ئي نه آهن عدالت دليل ٻڌڻ بعد ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 10 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي