آصف زرداري,نواز شريف ۽ فضل الرحمان ۾ ٽيليفونڪ ڳالهه ٻولهه،اهم مقرري تي اتفاق

0
95

اهم ترين مقرري ۽ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال تي حڪومت ۽ اتحادي جماعتن جي شروعاتي مشاورت مڪمل ٿي وئي
شروعاتي مشاورت ۾ اتحادين وفاقي حڪومت کي مڪمل سهڪار جي خاطري ڪرائي، ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جون هڪٻئي پويان فضل الرحمان ۽ آصف زرداري سان ڊگهيون ملاقاتون ٿيون، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي سياسي صورتحال، عمران خان جي لانگ مارچ سميت ٻين معاملن تي به ڳالهيون ٿيون
ملاقاتن دوران آصف زرداري ۽ فضل الرحمان سان ن ليگ قائد نواز شريف جي ٽيليفونڪ گفتگو پڻ ٿي
ذريعن موجب حڪومتي اتحادين وزيراعظم شهباز شريف کي مڪمل حمايت جي خاطري ڪرائي ۽ پيغام ڏنو ته اهم مقرري سميت ٻين اهم فيصلن تي وزيراعظم آئيني اختيار موجب قدم کڻي، ملڪي داخلي استحڪام، معاشي ۽ سياسي استحڪام لاءِ گڏجي اڳتي وڌنداسين
ملاقاتن ۾ تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي لانگ مارچ ۽ بيانيي کي اهميت نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو ۽ ٽنهي اتحادي جماعتن مستقبل ۾ به گڏجي هلڻ تي اتفاق ڪيو
ذريعن موجب طبعيت بهتر ٿيندي ئي وزيراعظم شهباز شريف جلد اتحادين سان سڌي ريت ملاقاتون ڪندو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here