عمران خان جي ادارن خلاف تقرير، درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر

0
62

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان ۽ ٻين پارٽي اڳواڻن جي ادارن خلاف تقريرن بابت درخواست سپريم ڪورٽ ۾ ٻڌڻي لاءِ مقرر، درخواست ۾ عمران خان، فواد چوڌري ۽ شيري مزاري جا نالا شامل، چيف جسٽس آف پاڪستان جسٽس عمر عطا بنديال ادارن خلاف تقرير بابت درخواست تي ٻڌڻي لاءِ بينچ جوڙي ڇڏي، جسٽس اعجاز الاحسن ۽ جسٽس مظاهر علي نقوي تي ٻڌل ٻه رڪني بينچ 8 سيپٽمبر تي ڪيس جي ٻڌڻي ڪندي، سپريم ڪورٽ جي رجسٽرار آفيس درخواست گذار قوسين فيصل کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here