پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان سنڌ جي گورنر خلاف خط لکي ڇڏيو

0
107

پاڪستان تحريڪ انصاف جي اڳواڻ خرم شير زمان چيو آهي ته ڪامران ٽيسوري وفاقي نمائندي بدران ايم ڪيو ايم جي نمائندي طور ڪم ڪري رهيو آهي

پي ٽي آءِ اڳواڻ خرم شير زمان گورنر هائوس ۾ جاري سياسي سرگرمين خلاف صدر ڏانهن خط لکيو آهي جنهن ۾ هن ڄاڻايو آهي ته سنڌ جو گورنر پنهنجي آفيس کي مسلسل سياسي سرگرمين لاءِ استعمال ڪري رهيو آهي

خط جي متن ۾ چيو ويو آهي ته گورنر سنڌ آئين تحت وفاق جو نمائندو آهي پر ڪامران ٽيسوري ايم ڪيو ايم جي نمائندي جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي

هن چيو ته ايم ڪيو ايم ۽ پي ايس پي جي ڌڙن جو گڏ ٿيڻ گورنر سنڌ جي سياسي انجينئرنگ جو ثبوت آهي

خرم شير زمان چيو ته گورنر سنڌ پنهنجي آئيني ذميواري بدران سياسي ڪارڪن طور ڪم ڪري رهيو آهي، گورنر جي سرگرمين سان ڪراچي ۾ ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ اثرانداز ٿيڻ جو خدشو آهي

هن وڌيڪ چيو ته صدر گورنر هائوس جي غلط استعمال تي ڪامران ٽيسوري خلاف فوري طور نوٽيس وٺي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here