لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري ايئرڪنڊيشن لگزري بس سروس جو افتتاح ڪندو

0
105

لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلزپارٽي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڀاڻي 21 جون تي لاڙڪاڻو ايئرڪنڊيشن لگزري بس سروس جو افتتاح ڪندو. افتتاح کان اڳ ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو طارق منظور ۽ اسسٽنٽ ڪمشنر بسن ۾ ويهي سفر ڪيو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر لاڙڪاڻو چيو ته افتتاح بعد 6 نيون بسون اولڊ بس اسٽينڊ کان شيخ زيد موڙ، چانڊڪا اسپتال، هاءِ ڪورٽ روڊ ۽ ايئرپورٽ روڊ قائد عوام يونيورسٽي ڪئمپس جي روٽ تي هلايون وينديون.هنن چيو ته عوام کان مناسب ڀاڙو ورتو ويندو. سندس چوڻ هو ته هي بس سروس شهيد محترمه بينظير ڀٽو جي سالگرهه جي موقعي تي شهرين لاءِ سنڌ حڪومت طرفان هڪ تحفو آهي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here