ميونسپل ٽيڪس بابت ناڪاري پروپيگنڊا ۽ سازشون ڪيون ويون، ماڻهو چون ٿا ته آئون جذباتي ٿي ويو آهيان، مون اداري کي پيرن تي بيهارڻ لاءِ محنت ڪئي آهي،“ڪراچي جي ايڊمنسٽريٽر ۽ سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته ماضي ۾ چيو ويندو هوته اختيار ناهن پر هُنن ڪم ڪري ڏيکاريو، ڪي ايم سي ۽ سنڌ حڪومت جي فنڊ سان ڪراچي شهر جي ستن ئي ضلعن ۾ روڊن جو ڪم ٿي رهيو آهي، مرتضيٰ وهاب ٻڌايو ته گذريل رات ڪورنگي فائر اسٽيشن ۾ ڪجهه دهشتگرد داخل ٿيا ۽ ڪي ايم سي جي چئن ملازمن کي بيهاري گوليون هنيون ويون، واقعي ۾ ٻه اهلڪار شهيد ۽ هڪ سخت زخمي ٿيو ۽ هڪ جان بچائڻ ۾ ڪامياب ٿيو، واقعي جي جاچ جاري آهي، هي دهشتگردي جو واقعو آهي، واقعي جي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي