نواز شريف چيو آهي ته ڪي پي ۾ وڏا جلسا منقعد ڪرائڻ چاهيون ٿا: مريم نواز

0
78

ايبٽ آباد ۾ ورڪز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي پاڪستان مسلم ليگ ن جي چيف آرگنائيز مريم نواز چيو ته ڪي پي کي وسيلن ۽ فنڊز  جي نه پر نواز شريف جي ضرورت آهي

جلسي کي خطاب ندي مريم نواز چيو ته ڪي پي جي هر منصوبي تي نواز شريف جو نالو لکيل آهي، سندس اکيون ڏسي ڏسي اکيون ٿڪجي پيون پر ڪي پي ۾ عمران خان جو هڪڙو منصوبو نظر نه آيو، ڪي پي ۾ هزارا موٽر وي آهي ان تي به نواز شريف جو نالو لکيل آهي

مريم نواز عمران خان کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته جيڪو چوندو هو 300 ڊيم ٺاهيندس، اهو قوم کي ڊيم فول بڻائي هليو ويو، مريم نواز چيو ته پشاور ڌماڪي جو ذميوار عمران خان آهي جنهن جي 10 سالن کان صوبي ۾ حڪومت آهي

ن ليگ جي نائب صدر چيو ته نواز ۽ شهباز شريف جي ڪاپي ڪندي عمران خان هڪڙو منصوبو پشاور بي آر ٽي ٺاهيو، پر ان ۾ چيو ويندو آهي ته بي آر ٽي جون بسون هلنديون گهٽ ۽ سڙنديون وڌيڪ آهن

ن ليگ جي چيف آرگنائيزر چيو ته 2022ع کان 2023ع جو مقابلو نه ٿيندو، شهباز شريف جي پنجاب ۾ 10 سال ۽ عمران خان جي ڪي پي ۾ 10 سالن جو ٿيندو، مريم نواز چيو ته کيس وڏي تڪليف ٿيندي آهي، هو ان شخص جو نالو وٺڻ نٿي چاهي، پر ماڻهن کي ٻڌائڻو پوندو آهي ته هن ڇا ڪيو آهي مريم نواز وڌيڪ چيو ته شاهه محمود قريشي ٽي وي تي فرمائي رهيو هو ته نواز شريف سان زيادتي تي، شاهه محمود قريشي صاحب اعتراف ڪرڻ جي مهرباني، پر شاهه محمود قريشي اهو به ٻڌائي ته کين ڪنهن اقتدار مان ڪڍيو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here