عورتون معاشري ۾ مجموعي طور تي وڌيڪ مظبوط ٿي رهيون آهن: اروشي رٽيلا

0
109

بالي ووڊ اداڪارا اروشي رٽيلا چيو آهي ته عورتن تي فلمون وڌ کان وڌ ٺهڻ گهرجن، هن چيو ته اسان تبديل ٿي رهيا آهيون، عورتن معاشري ۾ مجموعي طور تي وڌيڪ مظبوط ٿي رهيون آهن، ڪيترين ئي عورتن کي ڪهاڻين جو مرڪز بڻايو ويو آهي، ڇاڪاڻ ته هاڻي ڊائريڪٽر ۽ ليکڪ عورتون آهن

مشهور اداڪارا پنهجي انٽرويو ۾ چيو آهي ته مان هميشا عورتن جي مرڪزي ڪردار تي وڌيڪ فلمون ڏسڻ چاهيندي آهيان، ڪيترائي مرد هاڻي عورتن تي پروجيڪٽ ڪري رهيا آهن، جڏهن ته ڏسندڙ به پسند ڪري رهيا آهن جنهن جو مطلب آهي واپاري حصي ۾ به اهڙيون فلمون سٺي ڪارڪردگي ڏيکاري رهيون آهن

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here