قومي سلامتي ڪميٽي پاران دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختلف فيصلن جي منظوري

0
68

 قومي سلامتي ڪميٽي پاران هڪ ڀيرو وري مُلڪ کي معاشي بحران مان ڪڍڻ ۽ دهشتگردي کان پاڪ ڪرڻ جو عزم ورجايو آهي جڏهن ته ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي لاءِ مختلف فيصلن جي منظور پڻ ڏني وئي آهي

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ ملڪ جي سياسي ۽ عسڪري قيادت شرڪت ڪئي

اجلاس ۾ وزيراعظم، سمورين سروسز جي چيفس، پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري، بچاءَ وارو خواجه آصف، ناڻي وارو وزير اسحاق ڊار، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سميت ٻيا وزير، انٽيليجنس ادارن جي سربراهه ۽ ٻيا عملدار شامل هئا

ٽن ڪلاڪن تائين جاري رهندڙ اجلاس ۾ ملڪ مان دهشتگردي جي خاتمي سميت مختلف فيصلا ڪيا ويا

اجلاس ۾ ملڪ جي معاشي ۽ امن امان جي صورتحال، ٽي ٽي پي جي دهشتگرد ڪارروائين ۽ ملڪ جي مختلف علائقن ۾ حملن سميت پاڪ افغان سرحدي معاملن تي ڳالهه ٻولهه ٿي

قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس ۾ بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ دهشتگردي جي واقعن جي حوالي سان آگاهي ڏني وئي جنهن کانپوءِ دهشتگردن خلاف وڌيڪ آپريشن ڪرڻ واري فيصلي منظوري ڏني وئي

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here