گهوٽڪيءَ جي ڪچي ۾ ڏوهارين جي حملي ۾ پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي جو دهشتگردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل، ايس ايڇ او اوٻاوڙو اصغر اعواڻ جي فرياد تي راحب شر ۽ جانو انڍڙ سميت 70 ڌاڙيلن کي نامزد ڪيو ويو، گذريل ڏينهن ڌاڙيلن پوليس تي حملو ڪري ڊي ايس پي ۽ ٻن ايس ايڇ اوز سوڌو 5 اهلڪارن کي شهيد ڪيو هو
گهوٽڪي پوليس جي آفيسرن ۽ جوانن تي حملي واري ڪيس ۾ نامزد ڌاڙيل جانو انڍڙ جي سر جي قيمت 2 ڪروڙ، راحب شر، راڻو شر ۽ ڪراڙو شر جي سر جي قيمت هڪ-هڪ ڪروڙ ۽ ثناءُ الله شر جي سر جي قيمت 50 لک رپيا مقرر ٿيل
گهوٽڪي پوليس آفيسرن ۽ جوانن جي شهادت کانپوءِ آءِ جي سنڌ غلام نبي ميمڻ اهم اجلاس سڏائي ورتو، سکر ۽ لاڙڪاڻي رينج جي ڊي آءِ جيز ۽ ايس ايس پيز کي شرڪت جي هدايت، ڪچي ۾ ڏوهارين خلاف گرينڊ آپريشن جي فيصلي جو امڪان