ٻي ٽيسٽ ميچ،پهرئين ڏينهن نيوزيلينڊ6 وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهي ورتيون

0
134

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ڪراچي ۾ جاري ٻي ۽ آخري ٽيسٽ ميچ ۾ پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي تي ڪيوي ٽيم گرين شرٽس خلاف ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 309 رنسون ٺاهي ورتيون آهن

ڪراچي جي نيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ( هاڻ نيشنل بئنڪ ارينا ) ۾ ڪيوي ٽيم جي ڪپتان ٽم سائوٿي ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو

پاڪستان کي پهرين ڪاميابي نسيم شاهه ڏياري، هن ٽام ليٿم کي 71 رنسن تي آئوٽ ڪيو جڏهن ته ٻي وڪيٽ آغا سلمان سيٽ بيٽر ڊيون ڪانوي جي صورت ۾ حاصل ڪئي، ڪانوي 122 رنسن جي شاندار اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو

ڪين وليمسن کي نسيم شاهه 36 رنسن تي آئوٽ ڪيو، هينري نڪلز 26 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ڊيرل مچل 3 ۽ مائيڪل برائسويل ٻڙي تي پويلين موٽي ويا

پهرين ڏينهن راند جي پڄاڻي وقت ٽام بلنڊل ۽ سوڍي ترتيبوار 30 ۽ يارنهن رنسون ٺاهي موجود آهن

پاڪستان طرفان آغا سلمان ٽن رانديگرن کي آئوٽ ڪيو، نسيم شاهه ٻه ۽ ابرار احمد جي حصي ۾ هڪ وڪيٽ آئي

ڪراچي ٽيسٽ ۾ اڄ ٻه تبديليون ڪيون ويون، فاسٽ بالر محمد وسيم جونيئر ۽ محمد نعمان ٽيم جو حصو نه آهن

ٻنهي رانديگرن جي جاءِ تي فاسٽ بالر حسن علي ۽ نسيم شاهه کي فائنل اليون جو حصو بڻايو ويو

LEAVE A REPLY

Please enter your comment!
Please enter your name here